رنڇوڙ لائين ڪوارٽرس

رنڇوڙ لائين ڪوارٽرس: رنڇوڙ لائين ڪوارٽرس ڪراچيءَ ۾ پريڊي ڪوارٽرس ۽ جيل جي وچ تي واقع آهن. انهن ڪوارٽرس جو اهو نالو ’رنڇوڙ تلاءَ‘ جي ڪري پيو، جيڪو ان وقت انهن ڪوارٽرن جي پاسي ۾ هو. رنڇوڙ تلاءَ جو هن وقت ڪوبه نشان نه ٿو ملي، جڏهن ته ان هنڌ تلاءَ جو ڀراءُ ڪري ’پٽيل پارڪ‘ ٺاهيو ويو هو، جيڪو اڄڪلهه ’نشتر پارڪ‘ جي نالي سان مشهور آهي. رنڇوڙ لائين ڪوارٽرس جي اتر ۾ لارنس روڊ، ڏکڻ ۾ بندر روڊ، اولهه ۾ مشن روڊ ۽ اوڀر ۾ پريدي ڪوارٽرس ۽ رام سوامي ڪوارٽرس اچي وڃن ٿا. بندر روڊ ۽ مشن روڊ جتي ملن ٿا، اتي اينگلو ورنيڪيولر اسڪول واقع هو، جيڪو اين. جي. وي اسڪول سڏبو هو، اسڪول کان ٿورو اڳيان لائبريري ۽ گورنمينٽ بوڪ ڊپو هئا. ان وقت موجود پنج ورنيڪيولر اسڪولن مان صرف اينگرو ورنيڪيولر اسڪول کي پنهنجي عمارت هئي، باقي چار اسڪول ڪرائي جي جڳهن ۾ هلندا هئا. اين. جي. وي هاءِ اسڪول جڏهن ان جڳهه تان منتقل ڪيو ويو ته ان جڳهه تي 1905ع ڌاري خالق ڏنو هال ٺاهيو ويو ۽ ان بعد اتي مشن روڊ طرف ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ٺاهيو ويو. پهرئين مشن روڊ تي سول هاسپيٽل جي ننڍي عمارت ٺهيل هئي، پر پوءِ ڪافي ٻيون عمارتون به ٺهنديون ويون، جن ۾ نرس هاسٽل به شامل آهي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر وائسراءِ ڪزرن 1900ع ڌاري رکيو.


لفظ رنڇوڙ لائين ڪوارٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو